اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام منزل ناهي، هڪ رستو آهي، گروپ-20 ۾ شامل ٿيڻ لاءِ معيشت کي دستاويزي بڻائڻو پوندو، قومي معيشت جي بهتري طرف گامزن آهي، آءِ ايم ايف سان پروگرام طئي ٿي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ??ي شرح سنگل ڊجٽ ۾ اچي وئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽائي سبب پاليسي ريٽ گهٽ ٿيوآهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نيون حدون پار ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو معاشي استحڪام جي وڏي ڪ??ميابي آهي، ن??ي شعبي کي ملڪ کي ليڊ ڪرڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو اڻٽر آهي، ايف بي آر جي سگهه ۾ اضافي لاءِ چارٽرڊ اڪائونٽس جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، سرڪاري ادارن ۾ سڌارا جاري آهن، وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ ڪئي پئي وڃي، 2 وزارتن کي ختم ڪيو پيو وڃي، مختلف وزارتن ۾ هڪ لک 50 هزار آسامين کي ختم ڪيو پيو وڃي، انهن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ناڻي واري وزير ميڪرو اڪنامڪ استحڪام پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي، ناڻي واڌ ۽ آءِ ايم ايف پئڪيج سميت ايڪسپورٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي حوالي ??ان چيو ته معاشي سڃاڻپ هاڪاري ۽ درست رخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، ايڪسپورٽ ۾ دٻاءَ جو رجحان آهي، آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ ۾ ساليانو بنيادن تي 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو هاڪاري رجحان آهي، ناڻي واڌ جي حوالي ??ان هن چيو ته حڪومت ??ي شروعات تي هي شرح 38 سيڪڙو هئي جيڪا حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ ان ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي جي حوالي ??ان ناڻي واري وزير چيو ته هي معاهدو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مڪمل ٿيو، ملڪ جي ادارن ۽ انتظامي اختيارين جون ڪوششون به تحسين جوڳيون آهن. هن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي سندن شڪر گذار آهيون، جاري مالي ??ال جي پهرين ٽه ماهي دوران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي صورتحال جي حوالي ??ان ناڻي واري وزير ٻڌايو ته اپريل ۾ جڏهن آءِ ايم ايف سان گڏجاڻي ٿي هئي ته مان آءِ ايم ايف اختيارين کي ٻڌايو هو ته جڏهن اسان 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ (ايس بي اي) مڪمل ڪنداسين ته اسان چاهيون ٿا ته هڪ وڏو ۽ توسيعي پروگرام ڪيو وڃي، جولاءِ ۾ ان حوالي ??ان ٻيهر ملاقات ٿي ۽ گذريل هفتي آءِ ايم ايف بورڊ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ پهرين قسط به پاڪستان کي ملي وئي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جا ٻه سبب آهن. پهريون ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچا جاتي سڌارن آهن جيڪي معاشي استحڪام لاءِ نهايت ضروري آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي هاڪاري رجحان هڪ ٿيوري ناهي رهي پر اسان هاڻي ان جا نتيجا ڏسي رهيا آهيون. ادائيگين جو توازن پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي صورتحال بهتر ٿي آهي، يو اين پاڪستان بزنس ڪائونسل سان آمريڪا ۾ لاڳاپن جو حوالي ڏيندي هن چيو ته بزنس ڪائونسل جي وفد ۾ مختلف سيڪٽرز جي نمائندگي هئي جن ۾ آءِ ٽي، فنانشل سروسز ۽ انرجي سيڪٽر سميت ٻين شعبن جا سيڙپڪار ۽ بزنس مين شامل هئا. هن چيو ته اپريل ۾ جڏهن يو ايس بزنس ڪائونسل سان مليس ته هو سوال ڪري رهيا هئا ته اسان جو منافعو ۽ ڊيوڊنڊز ڏيڍ سال کان منجمند آهن، توهان ان بابت ڇا ڪندا، سيڙپڪارن لاءِ هي هڪ بنيادي مسئلو آهي. گذريل هفتي جڏهن ملاقات ٿي ته پاڪستان يو ايس بزنل ڪائونسل کي عملدارن تسليم ڪيو ته معاشي استحڪام سبب ان ۾ بهتري ٿي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن جي منافعي وغيره جي مد ۾ مئي جون ۾ 2 ارب ڊالر پرڏيهه منتقل ٿيا. اهڙي طرح ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ ترتيبوار بهتري ٿي رهي آهي. ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج نيون حدون پار ڪري رهي آهي ۽ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته بي ٽو بي رابطن ۾ بهتري سان آرامڪو، بي واءِ ڊي سميت ٻين ڪمپنين ملڪ ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪ??ي آهي اهو سڀ به ميڪرو اڪنامڪ استحام سان ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي سبب پاليسي ريٽ گهٽ ٿيو آهي، 450 بيس پوائنٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، صنعتي شعبو پاليسي ريٽ بجاءِ اسلامڪ بينڪنگ ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مٽاسٽا واري شرح ۽ پاليسي ريٽ مرڪزي بينڪ جي دائري ڪ??ر ۾ اچن ٿا، ان حوالي ??ان ناڻي واري وزارت اميدن جو اظهار ڪري سگهي ٿي، ناڻي واري وزارت پي آءِ بي ۽ ٽي بلز سميت ٻين بڊز کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جا ٽي بنيادي سبب هئا جن ۾ مالياتي استحڪام سڀ کان مٿي آهي، حڪومت کي معاشي قرض ۾ دلچسپي ناهي، جڏهن قرض ورتو ويندو ته پنهنجين شرطن تي وٺنداسين، اسان قرض جي خرچن کي گهٽ ڪري رهيا آهيون، اسان جي خرچن ۾ قرض جي ادائيگي جو هڪ وڏو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته بڊز کي رد ڪرڻ هو هڪ سبب اهو به هو ته حڪومت چاهي ٿي ته بينڪنگ سيڪٽر ن??ي شعبي کي قرضن جي فراهمي ڪ??ي جيڪا ملڪي ترقي ۾ اهم ڪرادار ادا ڪري ٿي. ميڪرو اڪنامڪ استحڪام سان معاشي ترقي جو بنياد مستحڪم ٿيندو جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پائيدار ۽ مستحڪم ترقي ٿئي ته اسان جي ميڪرو اڪنامڪ پوزيشن مستحم هجڻ ضروري آهي. آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي ??ان هن چيو ته ملڪ لاءِ اهم وقت آهي، جيڪڏهن اسان ترقي چاهيون ٿا ته پنهنجي رخ جو تعين ڪرڻو پوندو، اسان پنهنجي رخ لاءِ تمام واضح آهيون. ان حوالي ??ان سڌارا ضروري آهن. جنهن لاءِ ٿنڪ ٽينڪس سان به مشاو??ت ڪئي وئي، اسان پنهنجي بهترين دماغن سان مشاو??ت ڪري رهيا آهيون، مقامي ۽ غير ملڪي مشاورت ضروري آهي، جي ڊي پي جي مقابلي ۾ ٽيڪس ??ي شرح بابت ناڻي واري وزير چيو ته ان ۾ اضافو ڪيو ويندو. معيشت کي برآمدي معيشت ۾ تبديل ڪيو ويندو، انرجي سيڪٽر جي سڌارن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اهڙي طرح حڪومتي سرڪاري ڪ??روباري ادارن جا سڌارا به ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائزنگ لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، 6 وزارتن بابت فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ وزارت کي ختم ڪري رهيا آهون، ڪيڊ جي وزارت ختم ڪئي پئي وڃي، ٻن وزارت کي گڏائي هڪ وزارت بنائي پئي وڃي. ان کان سواءِ وزارتن ۽ ذيلي ??دارن جو تفيصلي ??ائزو ورتو پيو وڃي، جن وزارتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي هاڻي انهن بابت عملدرآمد پلان تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان کي مڪمل ڪري سگهجي. 2019ع ۾ به منصوبو بنايو ويو هو جيڪو مڪمل نه ٿي سگهيو، عملدرآمد پلان بابت هن چيو ته ڪابينا جي منظوري سان خالي ??سامين جو 60 سيڪڙو حصو جيڪو ڏيڍ لک بڻجي ٿو ان کي ختم ڪيو ويو آهي، ان سان خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته مرحليوار قدم کنيا پيا وڃن، صرف اعلان ئي نه پر عملي قدم کنيا پيا وڃن. هلندڙ مالي ??ال دوران 5 وزارتن جي فيصلي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. 18 هين ترميم مطابق وزارتن کي منتقل ڪيو ويندو، جيڪي ادارا ۽ وزارتون رکيون وينديون انهن جي ڪ??رڪردگي کي بهتر بنايو ويندو ته جيئن هو عوام لاءِ ڪم ڪن. پينشن بابت هن چيو ته قدم کنيا پيا وڃن، ان حوالي ??ان سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم جي ضرورت پوندي ته جيئن اسان جيڪو پيڪيج آڻيون ان کي قانوني شڪل ڏئي سگهجي. ٽيڪس وصولين جي حوالي ??ان ناڻي واري وزير چيو ته گذريل مالي ??ال ۾ 30 سيپٽمبر تائين 1.6 ملين گوشوارا جمع ڪرايا ويا جيڪي هلندڙ مالي ??ال ۾ ٻيڻا ٿي چڪا آهن، هاڻي تائين 3.2 ملين گوشوارا جمع ٿي چڪا آهن، گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 3 لک نوان فائلرز هئا جڏهن ته هلندڙ سال هن وقت تائين 7 لک 23 هزار نوان فائلر اچي چڪا آهن. هن چيو ته ڍانچي جاتي سڌارن جي ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر ان تي عملدرآمد ئي اهم هوندو آهي. اسان جيڪو چيو آهي اهو ڪري به ڏيکاريو آهي، نان فائلرز ۽ انڊر فائلرز جي حوالي ??ان وفاقي وزير چيو ته انڊر فائلنگ ذريعي 1.3 کرب روپين جي ٽيڪس کي لڪايو ويندو آهي. هن چيو ته جي 20 ۾ شموليت معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻي پوندي. جڏهن 9 کرب روپيه ڪيش مارڪيٽ ۾ آهي جڏهن ته ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 9.3 کرب روپيه آهي، هن وقت اسان جي معيشت جو ڪاٿو 700 ارب روپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته دستاويزن ۾ 325 ارب روپيه آهي، جيڪڏهن اسان کي جي 20 ۾ وڃڻو آهي ته ڊاڪيومينٽيشن طرف وڌڻ گهرجي. هن چيو ته سڌارن سان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 7 کرب روپين جو اضافو ممڪن آهي. هن چيو ته نان فائلز گاڏي، ملڪيت نه خريد ڪري سگهندا، ميوچل فنڊ، ڪرنٽ بينڪ اڪائونٽ نه کولرائي سگهندا، رقم وصول ۽ جمع ڪرائڻ ۾ انهن کي تڪليف ٿيندي. اهڙي طرح انڊر فائلنگ بابت هن چيو ته قدم کڻي رهيا آهيون ته ان رجحان کي ختم ڪري سگهجي، ٽيڪس وصول ڪندڙ عملدار ڪنهن کي پريشان نه ڪري سگهندا. مينو فيڪچرز ۽ ٽريڊرز جي حوالي ??ان هن چيو ته 3 لک مينوفيڪچررز مان 14 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آهن، 3 لک هول سيلرز آهن، 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آهن، هن چيو ته مينوفيڪچررز ۽ هول سيلرز حڪومت سان سهڪار ڪندي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين، نه ته حڪومت کي مجبور ٿي نان رجسٽرڊ ماڻهن جي پراپرٽي کي منسلڪ، يوٽيليٽيز جي بلاڪنگ ۽ ڪم جي جاءِ کي سيل ڪرڻو پوندو، ان حوالي ??ان ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو ويندو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪاروبار ۽ ٽيڪس وصول ڪندڙ ادارن جو سڌي ريت رابطو گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان وفاقي وزير چيو ته ان تي ٽيڪس جو اثر 750 ارب روپيه آهي، وڏين ڪراسنگ پوائنٽس تي ڊجيٽل چيڪ پوسٽون بنائي رهيا آهيون، آمدني واپار ڪندڙن ۽ ڪليئرنگ ايجنٽس جي حوالي ??ان به قدم کڻي رهيا آهيون. واپاري ۽ صنعتڪار برادري سميت ايف بي آر جي حوالي ??ان اسان کي سگهه وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايف بي آر جي آڊٽ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 2 هزار چارٽرڊ اڪائونٽس جون خدمتون حاصل ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايف بي آر جي سگهه ۾ اضافو ۽ انڊر فائلنگ کي روڪي سگهون، ٽيڪس وصول ڪندڙن لاءِ مراعتن سان وصولين ۾ اضافو ڪيو ويندو، سمورا فيصلا ڪيسن جي بنياد تي شفافيت سان ڪنداسين ۽ غلطي جو فوري ازالو ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي نئين سوچ تحت ان پروگرام کي آخري پروگرام بنائڻو پوندو، معيشت جي ڊي اين اي کي بدلڻو پوندو، معاشي استحڪام کانسواءِ معيشت جي ترقي نه ٿي سگهندي، روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي توجه ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته عالمي بينڪن کان مسابقتي ۽ گهٽ شرح تي ئي قرض ورتو ويندو، پائيدار ۽ معاشي ترقي لاءِ مشڪل فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي انتهائي اهم آهي، اسان جي آبادي 2.55 سيڪڙو جي اضافي واري شرح پائيدار ترقي ۾ مسئلا پيدا ڪري ڪ??ي ٿي، اهڙي طرح موسمياتي تبديلين جي حوالي ??ان پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ناڻي واڌ ۽ پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام صرف وفاقي نه پر اسان سڀني صوبائي حڪومتن جو به آهي. صوبن کي درخواست ڪئي هئي ته قيمتن کي ڪنٽرول ڪندڙ ڪميٽين کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن قيمتن ۾ گهٽتائي عملدرآمد به ڪرائي سگهجي. صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن عام ماڻهو کي رليف ملي ??گهي. هن چيو ته ٽيڪسز ۽ توانائي جي قيمتن سميت وياج ??ي شرح کي گهٽ ڪري ڪ??روباري شعبي جي مسئلن کي ختم ڪيو ويندو ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ٿئي.
قومي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، گروپ-20 ۾ شامل ٿيڻ لاءِ معيشت کي دستاويزي ٺاهڻو پوندو: ناڻي واري وفاقي وزير جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil