اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت هجي. هن اهڙن خيالن جو اظها?? جي ايس ايم ايسوسيئيشن ايشيا پيسفڪ جي سربراهه جولئين گورمين جي قيادت ۾ جي ايس ايم جي چار رڪني و??د سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سا?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم و??د سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي واڌويجهه جي حوالي سا?? اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سا?? قدمن ۾ جي ايس ايم اي جو انتهائي بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين بهتر پهچ، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچ?? جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبا?? جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي حوالي سا?? وفاقي حڪومت هن مالي سا?? ۾ تاريخي ترقياتي بجيٽ رکي آهي، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت هجي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيلي ڪام سروسز جي فروغ جي حوالي سا?? جي ايس ايم اي جي ڪردا?? جي حوالي سا?? آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان حڪومت سا?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشنز اٿارٽي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن