اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته وزيراعظم اسر??ئي??ي اڳرائي جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي ??هي?? فلسطينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويندو، اسر??ئي??ي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي ??هي?? مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو اهو ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽي ايل پي فلسطين جي مظلوم مسلمانن ٿيل ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود ??هي?? ان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اسر??ئي??ي اڳرائي جي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي جاري رکيو ويٺي هئي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آهن، حڪومت فلسطين جي مسلمانن لاءِ ڪوششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان 31 جولاءِ کان پهرين فلسطين روانو ڪيو ويندو. امدادي سامان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اسر??ئي??ي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ اسر??ئي?? هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو ??هي?? اسان جو دنيا کان مطالبو آهي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسلمان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اسر??ئي??ي اڳرائي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسر??ئي??ي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انهن کي روڪيو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي ??هي?? اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري سچي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، حڪومت زخمي فلسطينين کي دوائن جي فراهمي ??ميت اتي ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ فلسطيني زخمين کي آڻي انهن جو علاج ڪيو وڃي. اهڙي طرح فلسطيني شاگردن لاءِ به اسان جي تعليمي ??دارن جا دروازا کليل آهن. هن چيو ته اسان عالمي ??نيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلسطين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسر??ئي??ي اڳرائي جي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل ??هي?? ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ان کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.
وزيراعظم اسرائيلي اڳرائي جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي آهي: راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا