شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سي??حت?? جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪ??و. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزير??عظ?? کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزير??عظ?? ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل م??يح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سي??حت?? جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.
پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ