ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيا?? جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو ??ارو ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو ??فاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيا?? جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستا?? جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ک?? يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب