ا??لا?? آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چي?? آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چي?? ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي ت??زه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چي?? ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ ا??لا??ي ت??اون تنظيم ج?? سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چي?? ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی