اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آه??، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي ا??تيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زوئي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي ا??لاعات و??ري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آه??، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي ا??تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مس زوئي ويئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo