اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين ج?? صدر شي جن پنگ جي سماجي رابطن ج?? ويب سائيٽ ايڪس تي مبارڪباد جي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور اعليٰ معيا?? جي ترقي جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چين ج?? وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري ??کن??و. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي ڀائيچاري ۽ تعاون ج?? بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گڏيل عرب ا??ارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد سميت گڏيل عرب ا??ارات جي قيادت جا پڻ انهن ج?? نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ٿورا مڃيا. هن مبارڪباد جي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين شيخ منصور بن زيد النهيان جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب ا??ارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون، گڏيل اعتماد، گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي لاڳاپن جا ٿنڀ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : کڑک