راولپنڊي-27 نومبر (??ي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪا??يل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سمي?? 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق بڪا??يل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سمي?? 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد ??ي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو