اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي تي سمورين سي??سي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود ه??ا. ??طلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي نيو?? ۽ ??رنٽ افيئرز پروگرامن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي جو قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سمورين سي??سي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سي??سي پارٽين جي اڳواڻن جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ شرڪت سان پي ٽي وي جي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي وي ٽيم اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران خبرن جي ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، پي ٽي وي پاران خبرن جي انگ ۾ اضافي سان ناظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي مسئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبرن جي شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ س??ن تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو اسلام آباد ۽ ٻين سينٽرز تان پيشڪش جو انداز پڻ بدلايو آهي.
چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ