ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي ج??از پي اين ايس طارق پاڪ بح??يه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بح??يه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي ج??از انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي م??اه??ي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بح??يه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊي جهازن جي تياري جو م??اه??و ٿيو هو. م??اه??ي تحت 2 ج??از ترڪيه ۽ 2 ج??از پاڪستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آ??ن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگي ج??از آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ج??از جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa