اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو جڏهن ته مريم نواز ??ري?? سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چي?? آرگنائيزر، احسن اقبال سيڪريٽري جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات جڏهن ته اسحاق ڊار کي اوورسيز جو صدر چونڊي ورتو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز ??ري??، مسلم ليگ (ن) جي چي?? آرگنائيزر مريم نواز ??ري??، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، راجا محمد ظفرالحق، انجنيئر امير مقام، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان، شاهه غلام قادر سميت چئني صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نائب صدرن ۽ ٻين عهديدارن کانسواءِ وڏي انگ ۾ سڄي ملڪ مان پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انٽرا پارٽي اليڪشن جي چيئرمين سردار محمد يوسف جنرل ڪائونسل پاران چونڊيل پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪندي چيو ته جنرل ڪائونسل وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊيو آهي جڏهن ته مريم نواز ??ري?? سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چي?? آرگنائيزر هوندي. احسن اقبال سيڪريٽري جنرل، مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات، عطاءُ الله تارڙ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هوندو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز ??ري?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ پارٽي صدر وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي. قرارداد ذريعي والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.
مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل وزيراعظم شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس