باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي قيادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذر??ائ??جان م??ن ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذر??ائ??جان ڪابينا آذر??ائ??جان کان ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذر??ائ??جان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. آذر??ائ??جان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذر??ائ??جان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذر??ائ??جان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذر??ائ??جان پاڪستان م??ن ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. آذر??ائ??جان جي صدر چيو ته آذر??ائ??جان اڳ ۾ ئي پاڪستان م??ن درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آذر??ائ??جان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذر??ائ??جان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذر??ائ??جان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين م??رچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گ??را??ڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت پاران ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ