اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپخت??نخ??اهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپخت??نخ??اهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپخت??نخ??اهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني مع??ملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپخت??نخ??اهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپخت??نخ??اهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپخت??نخ??اهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپخت??نخ??اهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپخت??نخ??اهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيبرپخت??نخ??اهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپخت??نخ??اهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون مع??شي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.
خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں