اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني عورتن ۽ مردن کي خراج تح??ين پيش ڪيو ويو جن 1960ع کان هيستائين گڏيل قومن جي 46 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ??نهن مان 171 پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس موجب جاري گڏيل بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دستا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جتي هن وقت اٽڪل 4334 فوجي ۽ پوليس اهلڪار سڄي دنيا ۾ 9 جاين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي معامل?? واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پنهنجي پراڻي وابستگي ۽ حصيداري تي فخر آهي. مملڪتي وزير پوري دنيا ۾ امن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امن دستن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تح??ين پيش ڪيو ۽ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي ن?? اوسٽبي گڏيل قومن پاران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت امن دستن سا?? واڳيل 80 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو انتهائي اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان پاڪستان جا به ٿورا مڃون ٿا جيڪو عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ۾ پنجون سڀ کان وڏو تعاون ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ٽن ٿنڀن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو ويو جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ??نهن ۾ امن، ترقي ۽ انساني حق شامل آهن. هن چيو ته اسان امن کي ماڻهن ??ي وچ ۾ افهام تفهيم، دنيا کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش طور ڏسون ٿا. ان موقعي تي پرڏيهي معامل?? واري مملڪتي وزير حڪومت، غيرملڪي سفارتخانن، گڏيل قومن جي ايجن??ين ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن جي موجودگي ۾ پاڪستاني امن دستن ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪم جي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گڏيل قومن جا نمائندا، پرڏيهي وزارت ۽ آرمي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي پاليسي سطح جي اعليٰ عملدارن ۽ گڏيل قومن جي مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ عورت جنهن ??مهوريه ڪانگو ۾ پاڪستاني امن دستي ۾ شرڪت ڪئي هئي، سان ٻه بحث سيشن به شامل ڪيا ويا هئا. پينلسٽس گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اهم ڪردار، ان جي ارتقا ۽ ان عظيم ??وش?? ۾ پاڪستان جي تعاون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 4200 کان وڌيڪ گڏيل قومن جي امن فوجين جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي جن 1948ع کان وٺي هيستائين امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جن ۾ 171 پاڪستاني شهري به شامل هئا. انتونيو گوٽريس هڪ تقريب جي صدارت ڪئي جنهن ??وران 103 فوجي، پوليس ۽ سويلين امن دستن کي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ”ڊيگ همارسڪ جولڊ“ ميڊلز سان نوازيو ويو جن ۾ 8 پاڪستاني به شامل آهن ??ن گذريل سال امن برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن جا امن دستا پرامن دنيا جي لاءِ اسان جي عزم جو ڌرڪندڙ دل آهي، انهن 75 سالن کان سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ وڳوڙ کان متاثر ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي حمايت ڪئي آهي، اڄ گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي اسان عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ انهن ??ي غيرمعمولي خدمتن کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا. عالمي سطح تي 87 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي 12 تڪراري علائقن ۾ امن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جا امن دستا سلامتي، سياسي ۽ امن سازي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا ته جيئن ملڪن کي تڪرارن کان امن طرف منتقلي ۾ مدد ملي سگهي. 1948ع کان وٺي هيستائين 125 ملڪن جي 20 لک کان وڌيڪ امن دستن سڄي دنيا ۾ 71 آپريشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. گڏيل قومن جي امن دستن جو عالمي ڏينهن هر سال 29 مئي تي ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ قائم ڪيو هو. گڏيل قومون امن قائم ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورين عورتن ۽ مردن کي خراج تح??ين پيش ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا.
پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج