ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي شرپسندن عمران خان جي اتساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ان جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ و??ري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿي ته هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وفاق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انهن جي اڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيون جيڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي امن لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وفاق جي اتحادي حڪومت گذريل هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل مشاورت ۽ ٻڌي سان ان کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل مختلف هجي ها، گڏيل مشاورت ۽ اتحاد سان گذريل سال جي بدترين ٻوڏ، مهانگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، ملڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ??وش?? ڪئي وئي جنهن جي 9 مئ?? جي المناڪ ترين واقعن تي ان جي پڄاڻي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي عظيم شهيدن ۽ غازين جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي عمران نياز?? جي اتساهڻ تي انهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي شهيدن جي وارثن جون اکيون آليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وطن جي خاطر پنهنجون جانيون ڏئي قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي سياسي افراتفر?? جي ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر متاثر ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري تي لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن ??ڏه?? ته اسان حوصلو نه هارينداسين، مهانگائي سميت انهن بحرانن ۽ چئلينجن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصوبي کي سردخان?? جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي وئي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي وزيراعظم پاران ان منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچ?? جي عوام کي پيئڻ جي ??اڻ?? کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ويهاري ان منصوبي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني تي ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي رکندڙ اهو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ ??ڏه?? پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي ڳالهه نه ڪئي، قائداعظم جي گهر تي حملو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪي – فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سببن جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين ??ڏه?? اين ايل سي جو ڊ?? جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوب?? جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو تسلسل سان ان منصوب?? جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، ڪراچ?? جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف ??اڻ?? انهن جو حق آهي، هتي ??اڻ?? خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو ??اڻ?? دستياب نه آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي، ان منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي خاص معاون طارق باجوه کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي – فائيو جي لاءِ ??اڻ?? جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي ??اڻ?? جي معاهدي ۾ ڪراچ?? جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي ته ان کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئ?? جي واقعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي حمل?? جي ذميوارن کي سزائون جائز آهن ته 9 مئ?? جي واقعن ت?? جيڪڏهن ذميوارن کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش