اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي واعدي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختيار?? جي حق جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. خودمختيار?? جي حق جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا جا ڪشميري گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) جي من??ور ڪيل قرارداد جي 74 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن جنهن ۾ اهو شرط رکيو ويو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ جمهوري طريقي سان آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪيو وين??و، اهو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختيار?? جي حق جو ورجاءُ هو جيڪو عالمي قانون ۾ لکيل آهي ۽ عالمي انساني حقن جي ادارن ان کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ ان جي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪري هيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان هي ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ??ه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال عوام جي خودمختيار?? جي آفاقي حق جي حوالي سان هڪ قرارداد من??ور ڪري ٿ?? جيڪا جبري قبض?? جي حالتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خراب حالت ۽ حقن جي طرف عالمي ڌيان ڇڪرائي ٿي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها ان واعدي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان بهادر ڪشميري عوام جي انهن جيو قار ۽ حقن بشمول انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختيار?? جي حق جي من??فاڻي جدوجهد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومُون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي واعدي کي پورو ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل