اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عم??ان خان پا??ان سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عم??ان خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عم??ان خان سياست ڪري، ص??افي?? جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چ??و ته لاشن تي سياست، ص??افت تي سياست، عم??ان خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چ??و ته جيڪو توها?? جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عم??ان خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انه?? جي جان خطري ۾ وڌي جنه?? جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??و ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عم??ان خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چ??و ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چ??و ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.
مريم اورنگزيب پاران عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی