اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ رکڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌ??ئڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر تائين ترڪيه جو دورو ڪيو، ان دوري جي دعوت کيس ترڪ صدر رجب طيب اردوان ڏني هئي، استنبول ۾ وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌ??ئڻ ۽اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ 7 دفاعي تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو، هنن توانائي ۽ رابطي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان ترڪيه جي سيڙپڪارن کي آگاهه ڪيو 7 ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته تازو ئي ٽريڊ اينڊ گڊز معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌ??ئڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان چيو ته پرڏيهي م??ام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 29 نومبر تي افغانستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، ڪابل ۾ هن وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي ۽ افغان عبوري حڪومت جي ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون. دوري دوران هن تعليم، صحت، زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ علائقائي ۽ عوامي رابطن ۽ سماجي اقصادي منصوبن سميت ڪيترن ئي ٻطرفن م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته حنا رباني کر جي دوري دوران علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل م??ام??ن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي م??ام??ن واري مملڪتي وزير دوري دوران هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ٻئي ملڪ نه رڳو مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي ٻنڌڻن ۾ ڳنڍيل آهن پر انهن جو مستقبل به اندروني طور تي ڳنڍيل آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڌرين علائقائي رابطن کي وڌ??ئڻ بابت هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ڪاسا 1000 ۽ تاپي گئس پائيپ لائين جهڙا منصوبا شامل آهن. ترجمان چيو ته افغانستان جي اقتصادي ترقي ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي مملڪتي وزير پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، پاڪستان افغانستان کي صحت جي سارسنڀال تائين پهچ ۽ علاج جي لاءِ پاڪستان ايندڙ کي سهولت فراهم ڪندو. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير جي ڪابل جي دوري جو مقصد ان اهميت کي اجاگر ڪرڻو هو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته 2002ع ۾ ڀارتي رياست گجرات ۾ بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ مسلمانن جو قتلام ڪيو ۽ 20 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ فرقيواراڻي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي جنهن جو مقصد گجرات جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڀارت کي فرقيواراڻي تشدد جي لاءِ جاري اشتعال کي ختم ۽ گوڌرا جي افسوسناڪ واقعي ۽ گجرات فسادن ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ آزاد جاچ ڪميشن جوڙڻ گهرجي. ترجمان چيو ته 6 ڊسمبر تي بي جي پي آر ايس ايس جي انتهاپسندن هٿان تاريخي بابري مسجد جي شهادت جا 30 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، جنهن مان ان ڳالهه جو اظهار ٿئي ٿو ته اقليتن جي لاءِ جڳهه محدود ٿي وئي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي دهلي جي عدالت پاران هڪ هٿ ٺوڪي ڪيس ۾ 5 بيگناهه ڪشميري نوجوانن کي عمرقيد جي سزا ٻڌ??ئڻ جي فيصلي تي پڻ شديد ڳڻتي آهي، انهن نوجوان ڪشميرين کي انهن جي ڪشميري پس منظر جي ڪري انصاف کان محروم رکيو ويو. ترجمان چيو ته اهو ڪيس ٻين بيشمار ماڻهن وانگر ڪشميرين جو آواز دٻ??ئڻ ۽ انهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي جاري مهم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي آر ايس ايس جي هندوتوا ايجنڊا تي عمل پيرا آهي ۽ اها ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري انهن کي بي اختيار بڻائي رهي آهي. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي تازن قدمن ۾ والاريل ڪشمير جي چونڊ فهرستن ۾ 7 لک کان وڌيڪ نئين ووٽرز جو اضافو ڪيو آهي، انهن نام نهاد نئين ووٽرز جي اڪثريت غيرڪشميري ۽ ڀارتي فوج جي رٽائرڊ اهلڪارن جي آهي، ان قدم جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي کي چونڊن ۾ فائدو پهچ??ئڻ آهي. ترجمان چيو ته ڀارت جو اهو قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي اهي. ترجمان ڀارت کان مط??لب?? ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون ختم ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي ختم ۽ حقيقي ڪشميري اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر