اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر مح??د ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ ج?? برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمض??ن جو مهينو انس??ن جي تربيت جو مهينو آهي، ??وزو انس??ن جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، ??لال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، ??طيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، ??مض??ن جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا