اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي مل??زم?? جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اط??اعات و??ري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اط??اعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اداري جي بهتري جو دارومدار مل??زم?? جي بهتر ڪارڪردگي تي آهي، ادارو خوشحال ٿيندو ته مل??زم?? جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چيو ته پي ٽي وي جي مل??زم?? جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي وڌڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. اط??اعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي مل??زم?? جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي جڏهن ته سمورن مل??زم?? کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پي ٽي وي نيوز کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اط??اعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هو پي ٽي وي جي مل??زم?? سان گڏ بيٺل آهي، مل??زم?? جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي اثاثو آهي، وقت سان گڏوگڏ پي ٽي وي کي وڌيڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. ملاقات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي اي جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جنرل سيڪريٽري چوڌري فاروق احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي اورنگزيب، سينيئ?? وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سليم شاهه، ايسوسيئيٽ جنرل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي وي نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.
پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اولين ترجيح آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ