اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي ??وري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب امارات جي ??عليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي ??ينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي ??ڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي ??هم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات ??چ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي ????بن ۾ پاڪستان جي ??هم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇنڇر تي ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا