اسلام آباد – 16 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪست??ن جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ دوري تي ويو هن پاڪست??ن جي عوام جو وقار بلند ڪيو، تاجڪست??ن جو افغانست??ن جي حوالي سان ڪردار اهم آهي، اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، وزيراعظم جو تاجڪست??ن جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل هوندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي 20 هين اجلاس ۽ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خ??ن جي تاجڪست??ن جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تاجڪست??ن جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، پهرين حصي ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه به موجود هوندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات طئي ٿي، صدر پيوٽن قرنطينه هجڻ سبب دوشنبي نه اچي رهيو آهي، صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خ??ن جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات جلد متوقع آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي تاجڪست??ن جي صدر امام علي رحمانوف تاجڪست??ن جي دوري جي دعوت ڏني هئي، تاجڪستان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ تاجڪست??ن جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٿيندي. افغانست??ن جي صورتحال ان ڪانفرنس جو اهم حصو رهندي، هن چيو ته تاجڪست??ن جو افغانست??ن جي حوالي سان ڪردار اهم آهي. اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، تاجڪست??ن جي دوري دوران افغانستان ۾ مستحڪم ۽ جامع حڪومت جي باري ۾ اس??ن جي نظريي کي سگهه ملندي. هن چيو ته ويزن سينٽرل ايشيا پاڪست??ن جي فارن پاليسي جو اهم حصو آهي. اهو دورو ان لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جي دوري تي ويو هن پاڪست??ن جي عوام جو وقار بلند ڪيو. تاجڪست??ن جو دورو به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هوندو.
تاجڪستان ۽ پاڪستان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم