اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سا?? وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي سمورن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي پيڪ جي ڪري پاڪستان خطي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ منصوبن سان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط ??سٽ??يٽجڪ پارٽنرشپ آهي
سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری