اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زند??ي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪ??رن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزا??ي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري ??زا??ت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن، مصنفين، اداڪ??رن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil