اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ?? مراد سعيد چيو آهي ت?? مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مخالف ڌر پن??نجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪري احتجاج ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ت?? پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي ??چڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخالف ڌر کي ت??ام گهڻو افسوس آهي، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي ??امهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي ??ها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ??ه اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ??ميواري آهي ت?? اها اهم قومي معاملن تي پن??نجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پن??نجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي ??مازي آهي ت?? مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ت?? اهي هن ملڪ ۽ ملڪ جي ??وام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.
مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي: شبلي فراز/ حماد اظهر/ مراد سعيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ