اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزير?? جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ??يندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزير?? جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپي?? جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به ??ومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل