ڪراچي – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ محمد ??لي تابا جي سربراهي ۾ ناليوارن واپارين جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ??لڪ جي ڪاروباري برادري جي سهولتن لاءِ سڌارن واري عمل تي ڪاربند آهي. اسان جي حڪومت رستن ۽ توانائي جي منصوبن سميت انفراسٽرڪچر جي صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو آهي. اهي منصوبا ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ