گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي)صحت واري عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال ان بيماري سبب 4000 کان وڌيڪ ??اڻهو فوت ٿيا جيڪي 2022 ع جي ڀيٽ ۾ 71 س??ڪڙ?? وڌيڪ آهن. ان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ان بيماري جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جي انگ ۾ پڻ 13 س??ڪڙ?? اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگين، ماحولياتي تبديلين، محفوظ ۽ صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي خراب سهولتن، غربت، محرومي ۽ قدرتي آفتن سبب آبادي جي ل?? پلاڻ گذريل سال ان بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ اضافي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. رپورٽ مطابق وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ ڪالرا بيماري جي ڪيسن ۾ 32 س??ڪڙ?? گهٽتائي ۽ آفريقا ۾ 125 س??ڪڙ?? اضافو ٿيو. گذريل سال ڪيترن ئي ملڪن ڪالرا وبا سبب ڪميونٽي فوتگين جو اطلاع ڏنو. جتي ماڻهن کي صحت جي سهولتن تائين مڪمل پهچ حاصل نه هئي. سڀ کان وڌيڪ 222،249 ڪيس افغانستان ۾ رپورٽ ٿيا. ان کان سواءِ ڪانگو، ملاوي، موزمبيق ۽ هيٽي ۾ پڻ 30، 30 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. ماهرن مطابق جيتوڻيڪ ??يڪسينيشن ڪالرا جي وبا کي روڪڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جا اصول ان کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ بيمارين کي روڪڻ لاءِ واحد ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار حل آهي. واضح رهي ته ڪالرا جي وبا آنڊن جو شديد انفيڪشن آهي جيڪو خراب خوراڪ ۽ خراب پاڻي سبب ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو آساني سان علاج جوڳو آهي پر صفائي تائين محدود پهچ واريون آباديون ان کان وڌيڪ ??تاثر ٿينديون آهن.
سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج