ٽوڪيو-9 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي اولھندي شھر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا آهن. شنھوا مطابق ناگاساڪي جي ميئر شيروسوزوڪي سالياني تقريب دوران ايٽمي ھٿيارن جي خاتمي جو مطالبو ڪندي امن جو اعلان ڪيو آھي. تقريب دوران مقامي وقت مطابق صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ھڪ لمحي جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ڇو جو ھي اھو وقت ھو جيڪو 9 آگسٽ 194 ع تي آمريڪي بي 29- بمبار جھاز پلوٽونيم ڪور ايٽم بم ڪيراي?? ھو. جنھن کي فيٽ مين جو نالو ڏنو وي?? ھو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 74 ھزار ماڻھو فوت ٿي ويا ھوا. ناساگاڪي جي ميئر شيروسوزوڪي چيو آھي ته اسان ڳالھين ۽ سفارتي ڪوششن تي زور ڀريون ٿا .ھن چيو ته رس??و ڪيترو ئي مشڪل ڇو نه ھجي، ھٿيارن جي پکيڙ ۽ طاقت جي زور بجائي ان جو پر امن حل جي طرف رس??و ڳولهجي. ھن مطالبو ڪيو ته جاپان جي حڪومت گڏيل قومن جي ايٽمي ھٿيارن تي پابندي جي معاھدي تي صحيحيون ڪري ۽ ان جي توثيق ڪري. ھن جاپان کان مطالبو ڪيو ته ھو اتر اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ھٿيارن جي گهٽائڻ واري عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڳالھين جي قيادت ڪري. ناگاساڪي پي?? پارڪ ۾ ٿيل تقريب ۾ لڳ ڀڳ 2،300 ڄڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ملڪن ??ا نمائندا پڻ شامل ھئا.
جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک