نيويارڪ-29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي عدالت ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج ۽ هيج فنڊ ايف ٽي ايڪس جي شريڪ باني سام بينڪ مين فر??ئيڊ کي ڊجيٽل ڪرنسي جي صارفين سان ڌوکي جي جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمريڪي وڪيلن سام بينڪ مين فر??ئڊ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي فر??ڊ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب آمريڪي وڪيلن ان کي تقريبن 50 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته سام بينڪ مين فر??ئڊ جي وڪيلن ان کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻنهي پاسن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيويارڪ جي جج ليول ڪپلان کيس 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جج ان موقعي تي چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته ڏوهاري موقعو ۽ اختيار ملڻ تي مستقبل ۾ وڌيڪ ڏوهه ڪري سگهي ٿو ۽ هي ڪو معمول?? خطرو ناهي. 32 سالن جي سام بينڪ فر??ئڊ مين کي نومبر ۾ به 7 ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن ۾ وائر فر??ڊ، سيڪيورٽيز فر??ڊ جي س??زش ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل آهن.
آمريڪا، ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي فراڊ جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون