ٽوڪيو – 11 جنوري (اي پي پي) جاپا?? جي ڀيٽ اوڪيناوا ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي جي منصوبي تحت منتقلي واري هنڌ ڀرائي ذريعي زمي?? جي بنياد کي مضب??ط بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اين ايچ ڪي مطابق جاپان آمريڪي ميرين ڪورفوتينما ايئر اسٽيشن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ناگو شهر جي هينوڪو ويجهو سمنڊ ۾ ڀرائي ذريعي زمين حاصل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان کان اڳ اوڪيناوا جي حڪومت منتقلي جي ان منصوبي جي مخالفت ڪئ?? هئي ۽ اوارا نار جي زمين هيٺ نرم تهه کي مضب??ط بڻائڻ لاءِ منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. گذريل مهيني هڪ عدالت مرڪزي حڪوم?? جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو جنهن ۾ لاڳاپيل وزارت کي صوبي جي اعتراضن کي رد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئ?? هئي جنهن کانپوءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو. چيف ڪابينا سيڪريٽري هاياشي يوشي ماسا چيو آهي ته ان منصوبي جي شروعات ٿي وئي آگي. اهو نو سال ۽ ٽن مهينن ۾مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن توقع ظاهر ڪئي ته اڏاوتي منصوبي تي مرڪز ۽ اوڪيناوا جي حڪومتن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مناس?? طريقي سان جاري رهندي. اوڪيناوا جي مخالفت باوجود منصوبي تان پوئتي نه هٽڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪوم?? جي خيال ۾ آمريڪي اڏي کي هينوڪو منتقل ڪرڻ ئي واحد حل آهي ته جيئن فوتينما بيس هي واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ علائقي کي امڪاني خطري کان بچائي سگهجي.
جاپان، اوڪيناوا ۾ آمريڪي اڏي جي منتقلي تي ڪم شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ