نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هيپاٽائيٽس جي خا??مي لاءِ گڏيل قومن جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تائين هيپاٽائيٽس جي خا??مي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي هدف مطابق 2030 تائين جگر جي مرض هيپاٽائيٽس جي خا??مي لاءِ ڪو??شن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ايڇ او جي عهديدارن ۽ گڏيل قومن جي سفيرن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ 2030 تائين ان جي خا??مي جي ڊبليو ايڇ او جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ?? هيپاٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ?? هيپاٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سه??لت?? ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خا??مي جي ويجهو پهچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل هيپاٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ايڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عالمي سط?? تي هيپاٽائيٽس جي خا??مي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس سبب متاثر لکين ماڻهن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس خلاف جنگ ۾ عالمي شراڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن