گڏيل قوم??ن _ 3 آگسٽ (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته سوڊان ۾ 20.3 ملين کان وڌيڪ ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ، جڏهن ته 40 لک ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي آهي . فرانس جي سرڪاري ٽي وي مطابق گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن (ايف اي او ) بيان ۾ چيو آهي ته 20.3 ملين کان وڌيڪ ماڻهو جيڪي ملڪ جي 42 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ج?? نمائندگي ڪندا آهن شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن . مئي 2022 ع ۾ ڪيل آخري تجزي ج?? نتيجي ج?? مقابلي ۾ شديد غذائي عدم تحظ جو شڪار ماڻهن جو انگ اٽڪل ٻيڻوٿي ويو آهي . گڏيل قومن جي تنظيم سوڊان جي صورتحال کي انتهائي ڳڻتي ج??ڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته 6.3 ملين ماڻهو هن وقت بک سبب هنگامي مدد جا مستحق آهن .
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی