واشنگٽن- 08 جون (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ايوان نمائندگان جي ميمبر پاڪستاني ڄا??ي آمريڪي قانوساز سلمان ??وجاني آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خا?? سان ملاقات ڪئي ۽ کيس رياست ۾ مسلم ڪميونٽيز ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي ڪوششن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب سلمان ??وجاني سفير کي ٻڌايو ته هو ٽيڪساس ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ٻين مسلم ڪميونٽي کي پنهنجو تڪ سمجهي ٿو ۽ انهن وچ ۾ محبت ۽ همدردي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ??ئي رهيو آهي، پاڪستاني سفير مسعود خا?? کيس ايوان نمائندگان جو ميمبر مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ ??يو ته ٽيڪساس ۽ پاڪساتن جي صوبي ۾ معاهدي سان واپار ۽ واپار جي موجوده صلاحيت کي ڪتب آڻڻ ۽ عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ ??يو ته ٽيڪنالاجي، تيل ۽ گئس ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪاروباري رابطا قائم ڪرڻ ۽ اسان جي ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جي هڪ ٺوس بنياد فراهم ڪئي آهي. هن آمريڪا ۾ رياستي ۽ وفاقي سطح تي پاڪستاني ڄاون آمريڪي پارليامينٽريز جي وڌندڙ تعداد تي اطمينان جو اظهار ڪندي ??يو ته چونڊيل نمائندا پاڪستاني آمريڪين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هو پاڪستاني شاگردن کي آمريڪا جي دوري ۽ جديد شعبن ۾ آمريڪي مهارت سکڻ ۾ به سهولت فراهم ڪري سگهن ٿا. هن پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيڪساس اسيمبلي ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي قرارداد کي ڪاميابي سان پيش ڪرڻ تي سلمان ??وجاڻي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستاني ڄا??ي آمريڪي قانونساز سلمان ??وجاني ??يو ته هو پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيٽوز، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن تي ٻڌل هڪ وفد وٺي پاڪستان ويندو.
ٽيڪساس ۽ پاڪستان جي صوبي وچ ۾ معاهدي سان واپار ۽ عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز