مڪو ??اڪ-22 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج بابت وزارت چيو آهي ته ع??ره پرمٽ 4 جون تائين جاري رهندي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق حج وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حج پانڌيئڙن جي اڏامن جي شروعات ٿي چڪي آهي، حج سيزن کان اڳ ع??ره پرمٽ جي آخري تاريخ 04 جون 2023 ( 15 ذوالقعد 1444هه) آهي ان بعد ڪابه پرمٽ جاري نه ڪئي ويندي. 15 ذوالقعد کان مسجدالحرام رڳو حاجين لاءِ مختص هوندو. ان کان اڳ حج ۽ عمري واري وزارت بيان ۾ چيو هو ته ع??ره ويزي تي ايندڙن کي حج جي اجازت نه هوندي. عمرا زائرين جي روانگي جي آخري تاريخ 18 جون (29 ذوالقعد 1444 هه) آهي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ