گڏيل قومون -26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جوائس مسويا چيو آهي، ته سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪري رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 15 اپريل کان سوڊان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون هيون، اهي عام شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ هڪ ڀوائتو خواب آ??ن. ??ن چيو ته هن وقت سوڊان ۾ 15.8 ملين فردن کي امداد جي سخت ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته اهو تڪرار نه رڳو انهن ضرورتن کي وڌائي رهيو آهي، پر ان تڪرار وڏي پئماني تي امدادي ڪارروائين ۾ رڪاوٽ پڻ وڌي آهي، جنهن سان انساني حياتين کي شديد خطرو درپيش آهي. هن چيو ته 450 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. گادي واري شهر ۽ ان جي ڀ??پا??ي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اسپتالن کي نقصان پهتو آهي ۽ فوجي استعمال يا وسيلن جي کوٽ سبب انهن کي بند ڪرڻو پيو آهي. بجلي جي جي اڻهوند ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب و??ڪس??ن جي ذخيري ۽ پاڻي جي فراهمي کي نقصان پهچڻ جو پڻ خطرو آهي، جيڪو بيماري جي پکڙجڻ جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته جنسي بنيادن ??ي حوالي سان ڪيتريون ئي پرتشدد رپورٽ سامهون آيون آ??ن. ??ن چيو ته دماغي صحت ۽ نفسياتي ڀلائي خاص طور تي ٻارن ۾ ناقابل تصور آهن.
سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪرڻ لڳي، 450 ماڻهو فوت ۽ 4 هزار زخمي ٿيا آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت