اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي س??امتي ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ خودمختياري واري حق لاءِ عوام جي س??اسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بربريت جو معاملو ٻه طرفي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قومي س??امتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهر?? وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جي سربراه?? ايڊمرل ظفر محمود عباسي، پاڪ فضائيه جي سربراه?? ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، قومي س??امتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران والاريل ڪشمير جي عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ