اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، اسان ا??لهه ۽ اوڀر سرحدن تي امن چاهيون ٿا، ان جي لاءِ ڪنهن ملڪ جي طاقت يا ان جي مفادن سان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، نائين ا??يون کانپوءِ پاڪستان پنهنجي مفا??ن بدران آمريڪا جي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، ان جي بدلي ۾ پاڪستان کي الزام تراشي کانسواءِ ڪجهه ناهي .قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران مختلف سوالن ??ا جواب ڏيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ٻڌايو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي ان هڪ نقطي تي مرڪوز آهي، پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن خطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی