جنيوا_ 16 فيبروري(اي پي پي)گڏيل قومن جي واپا?? ۽ ??رقي بابت اداري جي ڊائريڪٽر رچرڊ ڪوزول رائٽ چيو آهي ته اسرائيل ۾ شروع ڪيل غزه جنگ جي فوري طور تي رڪجڻ جي صورت ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 20 ارب ڊالر گهربل هوندا جڏهن ته جنگ وڌيڪ وقت تائين جاري رهڻ جي صورت ۾ تباهي جو ڪاٿو وڌي ويندو، جنيوا ۾ اجلاس دوران ٻڌايو ته موجوده نقصان 2014 ۾ ست هفتا جاري رهندڙ جنگ کان 4 ڀيرا وڌيڪ آهي، يو اين سي ٽي اي ڊي پنهنجي رپورٽن ۾ تجويز پيش ڪئي هئي ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگ فوري طور تي روڪي ويندي ته غزه جي معيشت کي جنگ ک??ن اڳ واري صورتحال تائين پهچڻ ۾ هڪ صدي لڳي ويندي، گذريل نومبر جي آخر تائين جنگ سبب 37 هزار 379 ??مارتون تباه ٿي چڪيون آهن جيڪي غزه پٽي جي ڪل عمارتن جو 18 سيڪڙو جي برابر آهن.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری