گڏيل قومون -27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن افغان حڪومت کان صحافين ۽ م??ڊي?? ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪر?? جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته افغان حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته م??ڊي?? آئوٽ ليٽس آزاداڻي طور تي بغير ڪنهن پابندي يا سينسرشپ جي افغانستان ۾ ڪم ڪري سگهن. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن (يو اين اي ايم اي) ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس افغانستان ۾ م??ڊي?? جي آزادي جي ع??وان سان جاري گڏيل رپورٽ ۾ آگسٽ 2021ع کان سيپٽمبر 2024ع وچ ۾ افغانستان ۾ صحافين، م??ڊي?? ورڪرن ۽ آئوٽ ليٽس جي درپيش وڌندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي سربراهه روزا اوتن بائيزا چيو آهي، ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاد پريس هڪ چونڊ ناهي پر هڪ ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ م??ڊي?? جي شعبي لاءِ فني ۽ مالي مدد ۽ اهڙي طرح اظهار جي آزادي ۽عوامي بحثن جي اهميت جي حمايت ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ م??ڊي?? جي آزادي جي ع??وان سان رپورٽ ۾ تشدد ۽ انبرابري جي سلوڪ جي 130 واقعن سان پنهنجي مرضي جي گرفتاري ۽ حراست جي 256 واقعن جو خاڪو ??يش ڪيو ويو. گڏيل قومن جي رپورٽ جي جواب ۾ افغان پرڏيهي وزارت صحافين جي ان تعداد کي گرفتار ڪر?? جي ترديد ڪندي چيو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن ڏوهه ڪيو آهي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته صحافي ۽ م??ڊي?? ڪارڪن رڳو مبصر ناهن، هو شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته صحافي برادري کي انساني ۽ تحفظ جي مسئلن بابت اهم معلومات جي فراهمي ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم آهن جيڪي سندن زندگين کي سڌي ريت متاثر ڪن ٿا. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ م??ڊي?? بريفنگ دوران نائب ترجمان فرحان عزيز حق چيو آهي، ته عورت صحافين ۽ م??ڊي?? ورڪرز کي خاص اڻبرابري وارن قدمن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو سندن ڪم ڪر?? جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته آزاد صحافت نه رڳو شفافيت ۽ احتساب لاءِ ضروري آهي پر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ به ضروري آهي.
افغان حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز